چنڙ مهرالدين

چنڙ، مهرالدين: تعلقي ڪنڊياري جو نامور استاد مهر الدين ولد احمد خان چنڙ، ڳوٺ سومر چنڙ، تعلقي ڪنڊياري ۾، 3 آڪٽوبر 1918ع تي پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ سومر چنڙ، تعلقي ڪنڊياري مان ورتائين. سنڌي فائنل جي امتحان ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيائين. 1938ع ۾ مڪتب ٺوڙها، تعلقي موري ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو. ان بعد ڪوڙي اُڄڻ اڇي مسيت (ٺارو شاهه) مٺياڻي، نوشهري فيروز ۽ نواب شاهه ۾ به پڙهايائين. 1946-1945ع ۾ ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد مان تربيت وٺي 1947ع ۾ اباڻي ڳوٺ سومر چنڙ ۾ هيڊماستر ٿي آيو، جتي لاڳيتو 29 سال رهيو ۽ 3 آڪٽوبر 1976ع تي رٽائر ٿيو. مهرالدين باوقار، جفاڪش ۽ محنتي استاد ٿي گذريو آهي. کيس حسابن ۽ گرامر تي وڏي مهارت حاصل هئي. ان کان سواءِ اردو، انگريزي ۽ عربيءَ جي به ڄاڻ هئس. سندس نوڪريءَ واري عرصي ۾ ڳوٺ سومر چنڙ جي پڙهائيءَ جو بهترين رڪارڊ آهي. جتان هر سال ڪافي شاگرد اسڪالرشپ

کـڻندا هـئا. مـهـرالـديـن چـنـڙ تـقـريـر ۽ تحـريـر ۾ وڏي مهـارت رکـندو هو. هـو پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، تعلقي ڪنڊياري جو صدر ۽ پ ٽ الف سنڌ جو سيڪريٽري به چونڊيو ويو. هن ڪيتريون تعليمي ڪانفرنسون ڪوٺائي استادن ۽ تعليم جا ڪيترا مسئلا حل ڪرايا. سندس ڪوششن سان ڳوٺ سومر چنڙ ۾ پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جون عمارتون ٺهيون. ان کان سواءِ ڳوٺ جي لاءِ پوسٽ آفيس قائم ڪرايائين. هن سڄي عمر جاکوڙ ۾ گذاري. 63 ورهين جي ڄمار ۾ 22 فبروري 1981ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1918.10.03  عيسوي

نامور استاد مهر الدين ولد احمد خان چنڙ، ڳوٺ سومر چنڙ، تعلقي ڪنڊياري ۾، 3 آڪٽوبر 1918ع تي پيدا ٿيو.


1976.10.03  عيسوي

ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد مان تربيت وٺي 1947ع ۾ اباڻي ڳوٺ سومر چنڙ ۾ هيڊماستر ٿي آيو، جتي لاڳيتو 29 سال رهيو ۽ 3 آڪٽوبر 1976ع تي رٽائر ٿيو.


1981.02.22  عيسوي

هن سڄي عمر جاکوڙ ۾ گذاري. 63 ورهين جي ڄمار ۾ 22 فبروري 1981ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جواهر لال گنگاراماڻي
آغا ابراهيم شاهه
اٽل رام سوامي
عرفان مهدي
شير شاهه سوري
سونت مرلن ووز Marilyn Vos Savant
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
فقير رسول بخش انڙ
آغا محمد يعقوب
پونٽنگ رڪي ٿامس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون